پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان فاتح، ويسٽ انڊيز کي شڪست

پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان فاتح، ويسٽ انڊيز کي شڪست

ٽرينيڊاد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان 3 ميچن جي ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان ويسٽ انڊيز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي.ٽرينيڊاد ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي ميزبان ويسٽ انڊيز خلاف پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ويسٽ انڊيز جي ٽيم 49 اوورن ۾ 280 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ايون لوئس 60 رنسن سان شاندار رهيو.پاڪستان ويسٽ انڊيز جي 281 رنسن جي هدف کي آساني سان 49 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. گرين شرٽس لاءِ، حسن نواز 63 ۽ حسين طلعت 41 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.پاڪستاني بيٽسمين حسن نواز ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪيو، پاڪستاني ٽيم مئنيجر نويد اڪرم چيما حسن نواز کي سندس ڊيبيو ڪيپ پيش ڪئي. ساٿي رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف حسن نواز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم ۾ عبدالله شفيق، صائم ايوب، بابر اعظم، محمد رضوان، سلمان آغا، حسن نواز، حسين طلعت، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ سفيان مقيم شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو