ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ پهرين مئي کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.تيل ڪمپنين جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مئي کان پيٽرول جي اگهه ۾ ساڍا 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.تيل ڪمپنين جي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني جي پهرين تاريخ کان ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اندازو لڳايو ويو آهي.واضح رهي ته حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هر مهيني جي پهرين ۽ 15 تاريخ تي تبديلي ڪندي آهي.










