ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سوئي سدرن گئس ڪمپني آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي درخواست ڪئي آهي ته پهرين جولاءِ 2024ع کان گيس جي قيمتن ۾ 324 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وڃي، جنهن سان صارفين تي 79.63 ارب رپين جو بار پوندو. سوئي سدرن گئس ڪمپني اوگرا کي درخواست ڪئي آهي ته نئين سراسري قيمت 1740.80 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وڃي. سوئي سدرن گيس ڪمپني ايندڙ مالي سال لاءِ درخواست ۾ مجموعي روينيو شارٽ فال 79 ارب 63 ڪروڙ رپين جو تخمينو لڳايو آهي، جنهن تحت 56 ارب 69 ڪروڙ رپيا لوڪل گيس ۽ 22 ارب رپيا آر ايل اين جي، جي مد ۾ آهن، جڏهن ته 22 ارب 93 ڪروڙ 50 لک رپين جي ريونيو شارٽ فال جو اندازو لڳايو ويو آهي. ٻئي طرف اوگرا سوئي سدرن جي درخواست تي سڀاڻي ڪراچي ۽ 20 مارچ تي ڪوئيٽا ۾ ٻڌڻي ڪندي، جنهن بعد پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪليندي. ياد رهي ته هلندڙ مالي سال دوران هن وقت تائين گئس جي قيمتن ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي. پهرين نومبر 2023ع کان گيس جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ پهرين فيبروري 2024ع کان گهريلو صارفين لاءِ گئس جي قيمتن ۾ 67 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال گيس جي قيمتن ۾ واڌ سان سنڌ تي لڳ ڀڳ 643 ارب رپين جو اضافي ٻوجهه پئجي ويو آهي.










