اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پهرين جولاءِ 2026 کان سمورن پاسپورٽ آفيسن ۾ روڪ (نقد) فيس وصولي جو نظام ختم ڪيو ويندو ۽ پاسپورٽ فيس ڊيجيٽل ذريعن سان ادا ڪرڻي پوندي.ڊي جي اميگريشن اينڊ پاسپورٽس محمد علي رندھاوا جي صدارت هيٺ زونل سربراهن جي اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين جولاءِ 2026 کان سمورن پاسپورٽ آفيسن ۾ نقد فيس جي وصولي وارو نظام ختم ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاسپورٽ فيس صرف ڪيو آر (QR) ڪوڊ ذريعي ڊيجيٽل ادائگي طور قبول ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان جلد ئي “پاسپورٽ موبائل ائپ” متعارف ڪرائي پئي وڃي، جنهن جي مدد سان اندرون توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني گهر ويٺي پاسپورٽ جي درخواست جمع ڪرائي سگهندا، جڏهن ته پاسپورٽ درخواستگذار پنهنجو پاسپورٽ پنهنجي چائنٺ (گهر) تي وصول ڪري سگهندا. اختيارين موجب، ڊائريڪٽوريٽ جنرل اميگريشن اينڊ پاسپورٽس اڳتي لاءِ صرف اي-پاسپورٽس (E-Passports) جاري ڪندو، جڏهن ته موجوده سمورا مشين ريڊيبل پاسپورٽ پنهنجي مقرر ٿيل مدت تائين مڪمل طور تي استعمال جوڳا ۽ قابلِ قبول هوندا.










