راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ويندڙ پوليس پارٽي تي فائرنگ ڪري ڏني.پوليس موجب فائرنگ ۾ ڌميال ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪار انعام علي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب زخمي پوليس اهلڪار کي 4 گوليون لڳيون آهن، جنهن جو علاج ڪيو پيو وڃي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار حماد مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا.










