پنو عاقل( ن س)سکر لڳ پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بکو مهر ۾ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين جو ٻنو ڪڍڻ تان مهر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ دوران مهر برادري جي ڌر جو عبدالحفيظ جنگو مهر گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو ۽ علي شير مهر، ابراهيم مهر، ياسين مهر ۽ ادريس مهر گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او رضا ڳوٺ سڪندر ملڪاڻي ٻڌايو ته مهر ۽ جتوئي برادري ۾ سرڪاري ٻيلي کاتي جي زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو آهي، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مهر برادري جو عبدالحفيظ مارجي ويو آهي ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ايس ايڇ او ٻڌايو ته فون تي اطلاع مليو آهي ته فائرنگ دوران جتوئي برادري جا 6 ڄڻا ولي محمد جتوئي، امام الدين جتوئي، خوش محمد جتوئي، وڏيرو پٺاڻ جتوئي، شهوال جتوئي ۽ نسيم جتوئي به مارجي ويا آهن ۽ رازق ڏنو، رفيق، ڪليم الله، معيد ۽ عظيم جتوئي زخمي ٿي پيا آهن، مارجي ويلن جا لاش جهيڙي واري هنڌ پيل آهن، ٻنهين ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، فائرنگ بند ٿيڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچندي،پني عاقل جي ڪچي ۾ زمين تان جتوئين ۽ مهرن ۾ جهيڙي سبب مارجي ويلن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو
مشهور خبرون










