پنجن گهرن ۾ ڦر، کوجي ڪتن جي مدد سان 3 گرفتار

پنجن گهرن ۾ ڦر، کوجي ڪتن جي مدد سان 3 گرفتار

سيٺارجا (الطا ف ڀٽو) ڳوٺ حسن الدين ڪمبوهه ۾ 10 کان وڌيڪ هٿياربند ڦورو 5 ڀائرن غلام مصطفى ڪمبوهه، افتخار ڪمبوهه، اشتياق ڪمبوهه، امتياز علي ۽ فوجي آفاق ڪمبوهه جي گهرن ۾ زبردستي داخل ٿي مردن ، عورتن  ۽ ٻارن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي انهن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي سندن گهرن ۾ رکيل 15 تولن کان وڌيڪ سونا زيور جنهن جي ماليت تقريبن 20 لک روپيه ٻڌائي پئي وڃي  ان کان علاوه   10 لک روپيه نقد رقم ۽ موبائل فونن سميت گهر ۾ رکيل هڪ لائسنس واري رائيفل پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا. ٻڌايو ويو آهي ته ڦر ٿيل رقم مان هڪ لک 70 هزار روپيه مسجد ۽ مدرسي جي چندي جا رکيل هيا ڦر جي وارڌات دوران هٿياربندن جي طرفان گهرن جي عورتن کي پڻ زبردست تشدد جو نشانو بڻايو ويو اطلاع تي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کنيا جيڪي ڳوٺ کان ڪجهه مفاصلي تي ڦرجي ويل خاندان جي پنهنجي هاري سونو خان شنباڻي جي گهر ۾ لڳا جتان مبينه جوابدار سونو خان شنباڻي سندس هڪ پٽ ۽ سندن وٽ مهمان طور ترسيل هڪ مائٽ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي ٻئي طرف هٿياربندن جي هن وڏي ۽ دهشت واري ڪاروائي بعد ڳوٺ کان علاوه علائقي اندر خوف و حراس پکڙجي ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو