حيدرآباد(بيورو ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پنجاب ۾ 200 يونٽ مفت ۽ سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جو عذاب ڪيو ويو آھي ملڪ ۾ بيڊ گورننس آھي وفاق سنڌ جي وسيلن جي لٽمار بند ڪري. ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو ويو آھي. ڪارونجھر سميت سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بند ڪيون وڃن. پنجاب ۾ سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن. زراعت تباھ آھي۔ معصوم ٻار، عورتون ۽ سنڌي ھندو تشدد، اغوا، قتل جو شڪار آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ معاشي سڌارن کانسواء عوام عذاب واري زندگي گذاري رھيو آھي۔ مھانگائي جي ڪري غربت ۽ بدحالي ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي۔ ايا لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۽ ملڪ جو عوام زندگي جي مشڪل وقت مان گذري رھيو آھي۔ ٻارن، نياڻين ۽ عورتن جو اغوا، تشدد، زيادتيون ۽ قتل واقعا انتھائي تشويشناڪ آھي، جنھن ڪري عدم تحفظ واري صورتحال آھي، حڪمران ڏوھ روڪڻ ۾ نہ رڳو ناڪام وڃي رھيا آھن، پر ذميوار نااھل عملدارن جو تحفظ ڪري رھيا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ معاشي پاليسيون عوام دوست بنايون وڃن۔ سنڌ ۾ غربت وڌي وئي آھي.










