لاهور(ويب ڊيسڪ)ڍپنجاب ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪڻڪ جي في مڻ امدادي قيمت مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي لک ٽن ڪڻڪ ضايع ٿي وئي، صوبي ۾ 10 لک ٽن ڪڻڪ جي کوٽ آهي، وفاقي حڪومت ڪڻڪ فراهم نه ڪري پنجاب سان ڏاڍائي ڪري رهي آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت پنجاب جي درخواست باوجود ڪڻڪ فراهم نه ڪئي آهي، امدادي اگهه وڌائڻ سان هارين کي سندن محنت جو پورو پورو معاوضو ڏنو ويندو.وڏي وزير چيو ته ايندڙ سال ڪڻڪ جي پوک هيٺ ايراضي ۾ اضافو ٿيندو، پنجاب مان نڪرندڙ رستن تي ڪڻڪ ۽ اٽي جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ به موثر قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو.پرويز الاهي چيو ته پنجاب ۾ اڃا به ڪڻڪ ۽ اٽي جا اگهه ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، ڪڻڪ ۽ اٽي جي اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.پنجاب حڪومت ڪڻڪ لاءِ ڪابينا جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جو به فيصلو ڪيو، جنهن جو سربراهه پنجاب جو وڏو وزير هوندو.










