پنجاب ۾ پ پ  ۽ ن ليگ ۾ پاور شيئرنگ جو فارمولو تيار

پنجاب ۾ پ پ ۽ ن ليگ ۾ پاور شيئرنگ جو فارمولو تيار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي پاور شيئرنگ جو نئون فارمولو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن تحت پنجاب ۾ چار وزارتون ۽ سينيٽ چيئرمين جو عهدو ورتو ويندو جڏهن ته پنجاب جي گورنر جو عهدو ن ليگ کي ڏنو ويندو. پيپلز پارٽي جو وفد اڄ وڏي وزير حمزا شهباز سان ملاقات ڪري پنهنجون تجويزون پيش ڪندو.پيپلز پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي گهر تي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن پاران ڊنر ڏنو ويو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، مخدوم احمد محمود، مخدوم حسن محمود، قمر زمان ڪائره ۽ حسن مرتضيٰ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شيئرنگ فارمولي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ذريعن موجب پ پ کي پنجاب ڪابينا ۾ چار وزارتون هونديون، سينيئر وزيرن لاءِ حسن مرتضيٰ ۽ ٻين ٽن وزيرن لاءِ علي حيدر گيلاني، ممتاز چانگ ۽ مخدوم عثمان محمود جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پ پ کي پنجاب ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. پنجاب جي گورنر جو عهدو مسلم ليگ ن ڏانهن. بعد ۾ پ پ اڳواڻ راجا رياض جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ فيصل آباد روانو ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو