لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽر محمد حفيظ پنجاب جي ضمني چونڊن جي نتيجي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ محمد حفيظ چيو ته پاڪستان جي عوام ننڍي چونڊ ۾ پنهنجي سياسي پختگي ۽ شعور جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اسان جا سياسي اڳواڻ انهن نتيجن کي ڪيئن ٿا وٺن.ڪرڪيٽر پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي مبارڪباد ڏني ۽ لکيو ته عمران خان ۽ سندس سياسي ڪارڪنن کي مبارڪون.محمد حفيظ چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان تي وڏي ذميواري آهي ته پاڪستاني عوام لاءِ ڪجهه ڪيو.










