پنجاب ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي مفت سفر جي سهولت ختم

پنجاب ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي مفت سفر جي سهولت ختم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ميٽرو بس، اورنج لائين ٽرين، اسپيڊو، اليڪٽرڪ ۽ گرين بس سروسز تي ڏني ويندڙ مفت سفر جي سهولت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي موجب، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهربل لاٿ نه آئي پر حڪومت سبسڊي ختم ڪري ڇڏي، جنهن ڪري سڀاڻي 13 جون کان ماس ٽرانزٽ سسٽم ۾ سفر ڪندڙن کي معمول موجب ڪرايو ادا ڪرڻو پوندو. سڄي پنجاب جي ماس ٽرانزٽ سسٽم ۾ مسافرن کي اڄ رات تائين مفت سفر جي سهولت مليل رهندي. حڪام موجب، مفت سفر جي سهولت اپريل 2026 ۾ عوامي ريليف پيڪيج تحت متعارف ڪرائي وئي هئي، شروعاتي طور تي ان سهولت جو اعلان هڪ مهيني لاءِ ڪيو ويو هو، پر ان ۾ واڌ تي به غور ڪيو ويو ۽ لاڳاپيل سفارشون تيار ڪيون ويون هيون. انگن اکرن موجب، اورنج لائين ٽرين، ميٽرو بس، اسپيڊو ۽ گرين بس سروسز تان روزاني لڳ ڀڳ 8 لک مسافر مفت سفر جي سهولت مان فائدو وٺي رهيا هئا. رڳو اورنج لائين ٽرين تي روزاني لڳ ڀڳ 2 لک 90 هزار جڏهن ته ميٽرو بس سروس تي هڪ لک کان وڌيڪ شهري مفت سفر ڪري رهيا هئا. حڪومت پاران هيءَ سهولت مهنگائي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جا اثر گهٽائڻ لاءِ ڏني وئي هئي، پر هاڻي مفت سفر جي سهولت ختم ٿيڻ کانپوءِ مسافرن کي ٻيهر مقرر ڪيل ڪرايو ادا ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو