سانگهڙروپوٽ منٺارعلي رند) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ممبر قومي اسيمبلي شازيه عطاءُ مري جام نواز علي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ سيلاب متاثر خيمن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته حڪومت پنجاب اڃا تائين انهن لاءِ ڪو جامع لائحه عمل اختيار ناهي ڪيو. هن چيو ته جڏهن اسان سيلاب متاثرن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ن ليگ جا دوست ان کي تنقيد سمجهن ٿا، شازيه مري چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سيلاب متاثرن جي ڏک کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سالگره جي جشن کي ملتوي ڪيو اهو ئي اصل قيادت آهي جيڪا عوام جي ڏکن کي پنهنجو ڏک سمجهي ٿي۔هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهي ۽ موجوده حالتن ۾ عالمي برادري کي اڳتي وڌي سيلاب متاثرن جي مدد ڪرڻ گهرجي۔ هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ سيلاب سبب متاثر ٿيل 2.1 ملين گهرن جي تعمير جاري آهي ۽ لکين هزارين گهرن جي تعمير مڪمل به ڪئي وئي آهي۔ سنڌ ۾ عورتن کي زمينن ۽ صنعتن تائين رسائي ڏئي کين بااختيار بڻايو ويو آهي، جيئن اهي معيشت ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن۔شازيه مري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن مطابق شروع ڪيو ويو هو ۽ ان وٽ هڪ منفرد ۽ شفاف انگ اکر موجود آهي۔ انهن انگ اکرن ذريعي 2022ع ۾ 70 ارب رپيا سيلاب متاثرن ۾ ورهايا ويا، جڏهن ته اڄ سڀئي صوبائي حڪومتون پنهنجي رليف پيڪيجز لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي گڏڪيل انک اکرن مان فائدو وٺي رهيون آهن۔هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن آهي ته پنجاب ۾ فوري طور سيلابي پاڻي جي نيڪال ڪيو وڃي، متاثرن کي راشن، مڇردانيون ۽ مالي امداد فراهم ڪئي وڃي۔آخر ۾ شازيه مري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه سيلاب متاثر ڪٽنبن ۽ هارين جي آواز بلند ڪندي رهندي ۽ متاثرن کي ڀرپور رليف ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، ڇو ته ملڪ جو وچولو طبقو، هاري، مزدور ۽ غريب ماڻهو پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ڏانهن ڏسي رهيو آهي۔










