لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دڪانن مان اٽو غائب، فلور مل مالڪن ڪالهه کان پنجاب ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.10 ڪلو سرڪاري اٽي جو سبسڊي وارو ٿيلهو اڪثر دڪانن تي موجود ناهي جڏهن ته 15 ڪلو ڪمرشل اٽي جي فراهمي به گهٽ ٿي وئي آهي.پنجاب حڪومت هڙتال جو سبب بڻجندڙ 12 فلور ملن جو ڪڻڪ جو ڪوٽا معطل ڪري ڇڏيو آهي.سيڪريٽري فوڊ پنجاب جو چوڻ آهي ته هو بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندا.ٻئي طرف ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن ۾ به مرغي جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي.هڪ ڪلو مرغي جو اگهه 600 رپيا ٿي ويو آهي.










