پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون ڪارروايون، 9 دهشتگرد گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ 9 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب لاهور، گوجرانوالا، ڊي جي خان ۽ بهاولپور ۾ ڪارروايون ڪندي پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ 9 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن وٽان آپگهاتي ويسٽ ٺاهڻ جو سامان، دستي بم ۽ ڳري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن خلاف 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو