پنجاب ۾ سستو اٽو اسڪيم، 20 ارب جي چوري ٿي، عباسي

پنجاب ۾ سستو اٽو اسڪيم، 20 ارب جي چوري ٿي، عباسي

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي آچر تي دعويٰ ڪئي آهي ته مسلم ليگ ن جي اتحادي حڪومت پاران پنجاب ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مهم ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ جي چوري ٿي آهي. لاهور ۾ گورنمينٽ ڪالج يونيورسٽي ۾ ’ري اميجنگ پاڪستان‘ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي عباسي چيو ته سياسي قيادت کي نظام ٺيڪ ڪرڻو پوندو ۽ واضح ويزن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هي سيمينار ’گريٽ ڊبيٽ 2023‘ جي مهم جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اٽي جي ورڇ ۾ 20 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن ٿي آهي، جيڪا 84 ارب رپين جي بجيٽ مان مختص ڪئي وئي آهي. عباسي خرچ ڪيل رقم جي بدلي ۾ غريبن کي مليل قيمت بابت به سوال ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم نظام تي تنقيد ڪئي ته سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي ۽ هر ڪنهن کي تماشو بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي اختلاف دشمنين ۽ نفرتن ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ڪيترائي ماڻهو ڪابينا ۾ اهڙا آهن جيڪي اهل ئي نه آهن، ڇا اسين 10 اهل وزيرن جي ڪابينا نٿا ٺاهي سگهون؟ ايترا وزير رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته نظام تبديل ڪرڻو پوندو، موجوده نظام عوام لا لڀائتو ثابت ناهي ٿيو. هن چيو ته سياسي قيادت جي اها ناڪامي آهي ته ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم نٿا ڪن. مون 24 چيف جسٽس ۽ 9 آرمي چيف ڏٺا پر اسانجا مسئلا ساڳيا آهن. ڪامورا سمري نٿا موڪلين، کين ڊپ آهي ته سڀاڻي گرفتار ٿيندا. ڪامورن کي ويزن سياسي قيادت ڏيندي آهي پر سياسي قيادت ۾ ليڊ ڪرڻ جي اهليت ئي ناهي. هي جيڪا حڪومتن جي ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي اڃوڪي صورتحال ان جو نتيجو آهي. ڪيترائي وفاقي حڪومت جا ملازم مرڪز ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، صوبن ۾ ڪم ڪن ٿا. اسانکي وڏي پيماني تي سڌارا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عدالت کي به پنهنجي عزت واپس ڪمائڻي آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته هر سال 20 کان 25 ارب روپيا قرض وڌي ڏيڻو پوي ٿو، ڪو فارينر سيڙپڪاري لاءِ نٿو اچي، پي آءِ اي جو خسارو 90 ارب ٿي ويو آهي، هر حڪومت بهتر انتظاميا ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي. 22 لک واپارين مان ٽيڪس رڳو 30 هزار ڏين ٿا، ڪيئن ڪم هلندو. جسٽس ناصرا اقبال چيو ته پارليمان ۽ عدليا ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، هر ڪو آئين تي عمل ڪري پنهنجي مطلب جون تشريحون نه ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو