پنجاب ۾ حڪومت خام ڌاڳي سان جڙيل آهي: فواد چوڌري

پنجاب ۾ حڪومت خام ڌاڳي سان جڙيل آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب ۾ حڪومت خام ڌاڳي سان جڙيل آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن 25 ميمبرن کي نااهل ڪيو ته حڪومت ختم ٿي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن 25 ميمبر گهر هليا وڃن ته 186 ميمبر به ناهن. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرائي سگهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي.هن چيو ته 20 ۽ 29 مئي جي وچ ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويندو، اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنهن نه ڏٺو هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو