پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جھٽڪا

پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جھٽڪا

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي پيماني واري مرڪز (زلزلا نگاري مرڪز) موجب، ڪي پي ۾ پشاور، سوات، باجوڙ، بونير، هنگو، شانگلا، ڪوهاٽ، مہمند ۽ شبقدر سميت آسپاس جي علائقن ۾ زلزلي جا شديد جھٽڪا محسوس ڪيا ويا. ان کان علاوه اسلام آباد، راولپنڊي، ڊي آئي خان ۽ ملتان سميت آسپاس جي علائقن ۾ پڻ زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلا نگاري مرڪز ٻڌايو ته زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هندوڪش جبلن جو سلسلو هو، زلزلي جي شدت 5.4 ۽ گهرائي 215 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو