اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)اليڪشن ڪميشن، ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي فراهمي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي آگاهه ڪيو آهي ته چونڊن لاءِ فنڊ نه ملي سگهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن رپورٽ ۾ چيو آهي ته رقم اسٽيٽ بئنڪ منتقل ناهي ڪئي.ناڻي واري وزارت جي عملدارن به پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ناڻي واري وزارت جي فنڊن بابت رپورٽ ناڻي واري سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ جمع ڪرائي ڇڏي.ناڻي واري وزارت اٽارني جنرل آفيس ذريعي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ وفاقي ڪابينا جو فيصلو ۽ معاملو پارليامينٽ موڪلڻ جا تفصيل به شامل آهن. عدالتي حڪمن تي اسٽيٽ بئنڪ کي فراهم ڪيل سهڪار جا تفصيل به رپورٽ جو حصو آهن.ناڻي واري وزارت رپورٽ ۾ فنڊن جي منتقلي تي قانوني نقطا به شامل ڪيا آهن.اسٽيٽ بئنڪ چونڊن لاءِ رقم جي منتقلي جي رپورٽ به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ذريعن موجب اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ ۾ رقم جي منتقلي نه ٿيڻ جا سبب شامل آهن.مٿيون رپورٽون 3 رڪني بينچ جي ميمبر ججن کي چيمبر ۾ موڪليون وينديون.










