لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي گهرو کاتي جي فارن نيشنل سيڪيورٽي سيل پاران ڪارروائيون ڪندي غيرقانوني طور تي ترسي ڪندڙ افغانين کي گرفتار ڪري ڏيهه واپس موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.ترجمان گهرو کاتي موجب ملڪ مان هينئر تائين مجموعي طور تي 26 لک 89 هزار 295 افغانين کي واپس پنهنجي ملڪ روانو ڪيو ويو آهي، جنهن مان رڳو پنجاب صوبي مان 1 لک 40 هزار 468 غيرقانوني افغانين کي هولڊنگ سينٽرن ذريعي واپس موڪليو ويو.ترجمان واضح ڪيو ته حڪومتي پاليسيءَ تحت ويزا بغير ڪنهن به پرڏيهيءَ جو قيام مڪمل طور غيرقانوني آهي. ان سلسلي ۾ صوبي اندر مارڪيٽن ۽ رهائشي علائقن ۾ چڪاس جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب ۾ هن وقت 39 هولڊنگ سينٽرز فعال آهن جتي گرفتار ٿيل افغاني شهرين کي رکيو وڃي ٿو.










