پنجاب جو مختصر مدي لاءِ بجيٽ جي منظوري جو فيصلو

پنجاب جو مختصر مدي لاءِ بجيٽ جي منظوري جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت مختصر مدي واري بجيٽ جي منظوري اسيمبليءَ کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ايندڙ هفتي طلب ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ ايندڙ 3 مهينن جي بجيٽ خرچن جي منظوري ڏني ويندي.پنجاب حڪومت گذريل اسيمبلي اجلاس ۾ 31 مارچ تائين هڪ مهيني جي بجيٽ جي منظوري ڏني هئي.ذريعن موجب ناڻي کاتي مختصر مدي جي بجيٽ خرچن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ بجيٽ جي تياري مڪمل ڪرڻ بعد پنجاب اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو