پنجاب جي بجيٽ اڄ پيش ٿيندي، پگهارن ۾ 7 سيڪڙو اضافو

پنجاب جي بجيٽ اڄ پيش ٿيندي، پگهارن ۾ 7 سيڪڙو اضافو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت اڄ ايندڙ مالي سال لاءِ 5 هزار 131 ارب رپين جي حجم جي بجيٽ پيش ڪندي، جنهن ۾ ترقياتي، سماجي ۽ فلاحي شعبن لاءِ اهم اعلان متوقع آهن.صوبائي وزير خزانه ميان مجتبيٰ شجاع الرحمن بجيٽ تقرير ڪندو ۽ اهم مالي دستاويز ۽ بل ايوان ۾ پيش ڪندو، هو ايندڙ مالي سال لاءِ سالياني مالي گوشوارو پيش ڪندو، جڏهن ته گذريل مالي سال 2025-26 لاءِ ضمني بجيٽ به پيش ڪئي ويندي.وزير خزانه پنجاب ميان مجتبيٰ شجاع الرحمن پنجاب فنانس بل 2026ع به متعارف ڪرائيندو ۽ پنجاب سيلز ٽيڪس آن سروسز ايڪٽ 2012ع جي دفعن 5 ۽ 76 ۾ ترميمن بابت نوٽيفڪيشن ايوان ۾ پيش ڪندو، ان کان علاوه هو ايندڙ مالي سال لاءِ مالي خطرن بابت بيان به پيش ڪندو.ذريعن موجب، وفاقي حڪومت کي ترقياتي بجيٽ ۾ مالي رعايت ڏيڻ کانپوءِ پنجاب جي ترقياتي خرچن جو حصو 47 سيڪڙو تائين محدود رهجي ويو آهي، پنجاب حڪومت وفاق کي هيل تائين 570 ارب رپين جي مالي رعايت ڏئي چڪي آهي.بجيٽ تخمينن موجب، پنجاب کي اين ايف سي (NFC) ايوارڊ تحت قابلِ تقسيم وسيلن جي مد ۾ 3 هزار 793 ارب 70 ڪروڙ رپيا ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته صوبائي محصولن (ٽيڪسز) مان 1 هزار 330 ارب رپيا آمدني متوقع آهي.وفاق جي طرز تي صوبائي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافو متوقع آهي، پگهارن لاءِ 650 ارب رپيا ۽ پينشن جي مد ۾ 505 ارب 80 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب فنانس ڪميشن لاءِ 800 ارب رپيا رکڻ جي تجويز به زيرِ غور آهي.ترقياتي ۽ فلاحي شعبن ۾ به وڏا اعلان متوقع آهن، سماجي تحفظ لاءِ 25 ارب رپيا، “ستھرا پنجاب” پروگرام لاءِ 150 ارب رپيا، جڏهن ته آپريشنل خرچن لاءِ 580 ارب 20 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ٻين ترقياتي ۽ سرمائي خرچن لاءِ 570 ارب رپيا ۽ ٻاهرين مدد (فارن ايڊ) سان جاري منصوبن لاءِ 54 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، مجموعي طور تي صوبائي خرچن جو تخمينو 3 هزار 569 ارب 60 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو آهي.صحت جي شعبي لاءِ مجموعي طور تي 680 ارب رپيا مختص ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ مفت دوائن لاءِ 100 ارب رپيا به شامل آهن، ڪينسر ۽ فالج جي مريضن جي علاج لاءِ خصوصي فنڊ به رکيا ويندا.تعليم جي شعبي لاءِ 900 ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شاگردن لاءِ ليپ ٽاپ، اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ۽ سائيڪل اسڪيمون به بجيٽ جو حصو هونديون، هونهار اسڪالرشپ پروگرام لاءِ 20 ارب رپين کان وڌيڪ مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.پنجاب جي وڏي وزير (وزيراعليٰ) جي جاري ترقياتي منصوبن کي پورو ڪرڻ لاءِ 200 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، رمضان پيڪيج لاءِ 35 ارب رپيا ۽ سبسڊي جي مد ۾ 80 ارب رپين کان وڌيڪ مختص ٿيڻ جو امڪان آهي.يونيورسٽي گرانٽس لاءِ 18 ارب رپيا، جڏهن ته ڪسان ڪارڊ لاءِ 10 ارب رپيا، همت ڪارڊ ۽ اقليتي ڪارڊ لاءِ 3 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي.بجيٽ ۾ حڪومت جي ترجيح ترقياتي منصوبن کي پورو ڪرڻ، سماجي تحفظ کي هٿي ڏيڻ ۽ تعليم توڙي صحت جي شعبن ۾ بهتري آڻڻ قرار ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو