لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ٻوڏ متاثرن جي مالي امداد ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.ان حوالي سان ڊيرا غازي خان جي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۾ فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ امدادي رقم 8 لک مان وڌائي 10 لک رپيا ڪئي وئي آهي.هن چيو ته وڏي جانور جي نقصان تي 75 هزار رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته مقرر گهرن جي نقصان لاءِ امداد 1 لک مان وڌائي 4 لک رپيا ڪئي وئي آهي.ڪمشنر جو چوڻ آهي ته تباهه ٿيل گهرن جي امداد 40 هزار مان وڌائي 2 لک رپيا ڪئي وئي آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڻي گهٽجڻ سان ئي ٻوڏ متاثرن جي واپسي شروع ٿي وئي آهي.










