لاهور: (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ پهرين کان 3 سيپٽمبر تائين تيز برسات جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، تيز برسات سبب ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي طرفان ايڪس اڪائونٽ تي ڪيل پوسٽ موجب اسلام آباد، مري، راولپنڊي، جهلم، اٽڪ، منڊي بهاءُالدين، گجرات، گوجرانواله ۽ حافظ آباد ۾ تيز برسات سبب ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي. چنيوٽ، لاهور، سيالڪوٽ، نارووال، شيخوپوره، فيصل آباد، سرگودها، بهکر، ليه ۽ ميانوالي ۾ به تيز برسات جي نتيجي ۾ ٻوڏ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي. اين ڊي ايم اي موجب ڊيره غازي خان، ساهيوال، ملتان، بهاوالنگر، بهاوالپور ۽ رحيم يار خان ۾ به برسات ۽ ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي. مٿانهين علائقن ۾ امڪاني تيز برسات ۽ دريائن ۾ تيز وهڪرن سبب مراله هيڊ ورڪس تي ٻوڏ وهڪرن ۾ اضافي جو امڪان آهي جڏهن ته ٻوڏ صورتحال ۽ لاڳاپيل علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.اين ڊي ايم اي طرفان چيو ويو آهي ته هيٺاهين علائقن ۽ ندي نالن جي ڀرسان رهندڙ الرٽ رهن، غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو وڃي ڇو ته ندي نالن ۾ اوچتو وهڪرن ۾ اضافي جو امڪان آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته عوام ۽ لاڳاپيل ادارا حفاظتي قدم کڻن ۽ هيٺاهين خطري وارن علائقن کان پري رهن.










