پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو.صوبائي گاديءَ واري شهر جي مختلف علائقن ايبٽ روڊ، ماڊل روڊ ۽ اسلام پوره جي آس پاس گهٽن بادلن ۽ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.موسميات کاتي موجب، شهر جو موجوده گرمي پد 31 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي. گجرات، جهلم ۽ ٻين شهرن ۾ پوندڙ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ گهٽيون توڙي محلا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن، جڏهن ته ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب اڪثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. موسميات کاتي موجب، ڪي پي ڪي (خيبرپختونخوا) جي مٿانهين علائقن ۾ پڻ برسات جو امڪان آهي، جنهن ۾ اپر دير، سوات، ڪوهستان ۽ وزيرستان ۾ برسات متوقع آهي. ان کان علاوه بلوچستان جي علائقن خضدار، ڪوهلو ۽ بارکان ۾ پڻ بادل وسڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو