لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف پنجاب جي اسڪولن ۾ اي آءِ جي استعمال کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنجاب جي وزيرن لاءِ اي آءِ ٽريننگ جي شروعات ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف ڪئي. انهي موقعي تي وزيرن جي آفيشل ورڪشاپ(ايمپاورنگ پنجاب ود اي آءِ) جي باقاعده شروعات منسٽرز جي حاضري سان ڪئي وئي.
ورڪشاپ ۾ پنجاب ڪابينه جي ميمبرن کي GEMINI ۽ ٻين اي آءِ ٽولز جي مفيد استعمال، پاليسي فريم ورڪ، آپريشنل پاليسي سازي، شعبه جاتي اصلاحات ۽ ٻين معاملن ۾ اي آءِ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. پاليسي سمري تجزيه، سمري ۽ گوگل ٽولز جي استعمال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعليٰ مريم نوازشريف چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي سوچ ۽ ڪم جي طريقيڪار کي تبديل ڪري سگهي ٿي. اصلاحات ۽ پاليسي سازي ۾ اي آءِ جي مدد ضروري آهي، اي آءِ ٽوئلز جي ذميواري سان استعمال مثبت تبديليون آڻي سگهي ٿو. وزيراعليٰ مريم نوازشريف پنجاب جي اسڪولن ۾ اي آءِ جي استعمال کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.
گوگل فار ايجوڪيشن جي ماهرن پنجاب ۾ 3 هزار استادن جي ماسٽر ٽريننگ، اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ 3 لک کان وڌيڪ شاگردن جي آءِ ڊي، پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن جا 2 لک شاگرد ۽ 2 هزار استادن جي ٽريننگ سميت ٻين قدمن تي بريفنگ ڏني. ڊجيٽل صحافت کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ 10 آرگنائيزيشن جي هڪ هزار اسڪالر شپ جي به تفصيل ڏني وئي. وزيراعليٰ مريم نواز کي گوگل ٽيم طرفان ڪو يوٿ جو سال قرار ڏيڻ ۽ لاهور جهڙي شهر ۾ تاريخ ۽ ثقافت تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.










