پنجاب جاڳي پيو، آئين جي بالادستي جو عهد، نواز جو اعلان جنگ

گجرانوالا(خصوصي رپورٽ) اپوزيشن جي 11 جماعتي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ يعني پي ڊي ايم پاران پهرين پاور شو  جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ڪامياب، پنجاب جاڳي پيو، آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ جو عهد ڪري ڇڏيو. ميان نواز شريف واضح پيغام ڏنو ته هاڻي آئين ٽوڙيندڙن جو تمام جلد احتساب ٿيندو، هن عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، آءِ ايس آءِ جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، چيئرمين نيب جسٽس (ر) جاويد اقبال ۽ ٿاصم سليم باجوا کي مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪي تباهي، چونڊُ مينڊيٽ چورائڻ، معيشت جي تباهي، مهانگائي، اپوزيشن خلاف انتقام جا اوهين ذميوار آهيو ۽ اوهانجي حساب جو ڏينهن ويجهو آهي اوهان سڀني کان قوم حساب وٺندي.

Photo Screen shot

نواز شريف چيو ته عجيب ريت آهي ته آئين جي بالادستي جي ڳالهه ڪندڙن کي غدار ۽ آئين ٽوڙيندڙ ۽ سرينڊر ڪندڙن کي محب وطن قرار ڏنو ٿو وڃي. هن چيو ته مونکي غدار چئو، هائيجيڪر سڏيو يا اشتهاري، جائيداد ضبط ڪريو يا ٻيو ڪجهه ڪرڻو اٿو ڪريو هاڻي گهڻو ٿي چڪو، اوهانجو حساب ٿيندو. هن چيو ته عاصم سليم باجوا 35 لک پگهار ٿو کڻي ڇو؟ هن خلاف اربين روپين جي جائيداد جا ثبوت آهن ۽ نيب ڪاروائي نٿو ڪري. بلاول ڀٽو، مولانا فضل الرحمان، جاويد هاشمي، مريم نواز، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن صاف صاف پيغام ڏنو ته فوج آئيني حدن ۾ رهي آئين موجب پنهنجي ذميواري ادا ڪري. مولانا فضل الرحمان چيو ته عوام پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ ساٿ ڏنو ته جعلي حڪمران ڊسمبر جو مهينو به نه ڏسي سگهندا، سليڪٽر چون ٿا ته اسان جو نالو نه کڻو، توهان جمهوريت کي چوڪ تي ذبح ڪيو ۽ جعلي حڪمرانن کي تخت تي ويهاري ڇڏيو، اسان ڪيئن خاموش رهي سگهون ٿا. جلسي ۾ سڀني اڳواڻن کان ديس سان پهچندڙ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ ۾ سياست کي ڪنهن جي به هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ادارن طرفان سياست ۾ مداخلت تي معافي وٺڻ تائين تحريڪ جاري رکي ويندي.

Photo PPP

گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جَي جلسي کي خطاب دوران مولانا فضل الرحمان ٻيٽن تي وفاقي والار کي غيرآئيني قرار ڏيندي چيو ته جعلي حڪمران ساحلي پٽي ۽ سامونڊي حدن تي صوبن کان اختيار کسڻ لاءِ قانونسازي ڪري رهيا آهن، اهڙي عمل کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، صوبن جي وسيلن تي مقامي ماڻهن جو حق آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پهريون ڀيرو گجرانوالا ۾ عوام کي مخاطب آهيان هن شهر جي جيالن جي جمهوريت لاءِ قرباني آهي، هن چيو ته سليڪٽڊ ۽ سليڪٽرز کي اسان جي پيج تي اچڻو پوندو يا وري کين گهر وڃڻو پوندو، عمران خان ۽ سندس سليڪٽرز جي تبديلي ۾ رڳو بحران ئي بحران آهي، پهريون ڀيرو ملڪي معيشت تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهي آهي، عمران خان کي هر مسئلي جو حل رڳو ٽائيگر فورس ۾ نظر اچي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڪبر ايس بابر چوي ٿو پي ٽي آءِ کي سموري فنڊنگ ڀارت مان ٿي پر ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي، بي آر ٽي سڀ کان مهانگو منصوبو آهي، پر ان جو به ڪير نوٽيس نٿو وٺي، ڪرپشن جي خاتمي جا واعدا ڪندڙ عمران خان ڪرپشن جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.گجرانولا جي گرائونڊ م 35 هزار ماڻهن جي ويهڪ جي گنجائش هئي پر ڪيترائي ماڻهو جلسي کا ٻاهر پري پري تائين روڊ تي به نظر آيا.

پهنجو تبصرو موڪليو