پشپا ڪماري ڪميشن پاس ڪري صوبيدار ٿي وئي

ٽنڊوباگو (رپورٽ: ڄام سھيل سمون)ساماري جي رهواسڻ پُشپا ڪماري ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، ڪولهي برادري جي پهرين عورت صوبيدار بڻجي وئي آهي. هن اڳ ۾ ڪراچي جي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي مان ڪرٽيڪل ڪيئر آءِ سي يو جو ڪورس ڪيو هو. پشپا ڪماري پاران 2016ع ۾ اي ايس آءِ جي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو فارم ڀرايو هو، جنهن جي ٽيسٽ ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، صوبيدار جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ پشپا ڪماري جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ پاس ڪرڻ ۾ والدين جي محنت ۽ دعا شامل آهي، هوءَ ڪوشش ڪندي ته هڪ ايماندار ۽ بهادر پوليس آفيسر طور پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪري، هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته دنيا ۾ ڪو به ماڻهو ذات پات ۽ رنگ نسل جي ڪري ننڍو يا وڏو ناهي ٿيندو پر هر ماڻهو پنهنجي ڪردار سان سڃاڻپ پيدا ڪندو آهي. منهنجي خواهش آهي ته منهنجي برادري جون ٻيون ڇوڪريون به تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي برادري، سنڌ، قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو