ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ فائرنگ جي تبادلي ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي ترجمان موجب، سي ٽي ڊي پشين ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي.ترجمان چيو ته آپريشن دوران دهشتگردن ۽ سي ٽي ڊي جي وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا.ترجمان موجب، مارجي ويل دهشتگردن کان 2 مشين گن، 2 9 ايم ايم پستول ۽ 2 دستي بم هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته آپريشن ۾ ڌماڪيدار مادو ۽ ڊيٽونيٽر پڻ هٿ ڪيا ويا.










