پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور جي علائقي گلبهار ۾ گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ سرڪاري اهلڪار مارجي ويو.فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پشاور پوليس موجب موٽرسائيڪل سوار حملي آور واقعي بعد فرار ٿي ويا.پشاور پوليس جو چوڻ آهي ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ واقعي واري هنڌ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جا فوٽيج حاصل ڪري رهيا آهن.










