پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او شهيد ٿي ويو.پوليس موجب واقعو چمڪاڻي جي علائقي ۾ پيش آيو جتي اڻڄاتل هٿياربندن پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او شاهپور ٿاڻي شڪيل احمد شهيد ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.










