پشاور ۾ بارودي مواد منتقلي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور ۾ بارودي مواد منتقلي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي علائقي بارڊ بازار ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.پوليس موجب زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.واقعي واري هنڌ پوليس جي وڏي نفري موڪلي وئي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي چيو ته ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، بم ڊسپوزل يونٽ جي رپورٽ موجب ڌماڪو آپگهاتي نه هو، ڌماڪو بارودي مواد جي منتقلي دوران ٿيو.ڪاشف آفتاب موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور بورڊ بازار ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.وڏي وزير انسپيڪٽر جنرل آف پوليس کان ڌماڪي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.وزيراعظم شهباز شريف پشاور جي بارڊ بازار ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ دعا ۽ خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو، شهباز شريف حملي ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هو دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو