پشاور ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 100 ٿي ويو ، ريسڪيو مڪمل

پشاور ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 100 ٿي ويو ، ريسڪيو مڪمل

پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور پوليس لائنز ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 100 تائين پهچي ويو آهي، ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته اسپتال ۾ هن وقت تائين 100 لاش آيا آهن. راجمان جو چوڻ آهي ته بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل 53 ڄڻا علاج هيٺ آهن، جن مان 7 ڄڻا آءِ سي يو ۾ آهن، سمورن زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، علائقي ۾ سرچ آپريشن پڻ ڪيو پيو وڃي، ريسڪيو جي ضلعي ايمرجنسي آفيسر نويد اختر 1122 پشاور جو چوڻ آهي ته حتمي طور تي نٿو چئي سگهجي ته آپريشن ڪيتري عرصي ۾ مڪمل ٿيندو، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته سندس جان بچي سگهي ٿي، جڏهن ته سينسر ڊيوائسز لڳائي زنده ماڻهن کي چيڪ ڪيو پيو وڃي، پوليس لائنز ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان قبول ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو