لاهور قلندرز، پشاور کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور قلندرز، پشاور کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ، پشاور کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پوائنٽ ٽيبل تي چوٿين نمبر تي اچي وئي آهي، ڪراچي رن ريٽ جي بنياد تي پنڊيز ۽ ڪوئٽا جيا ايندڙ مرحلي مان آئوٽ ٿي ويون آهن. جيڪڏهن حيدرآباد بهتر ريٽ تي پندِز کان سڀاڻي ميچ کٽي ته پوءِ لاهور ۽ حيدرآباد مان رن ريٽ تي فيصلو ٿيندو. جيڪڏهن پنڊيز حيدرآباد کي حارايو ته پوءِ لاهور ايندڙ مرحلي لاءِ ڪنفرم ٿي ويندي. 200 جي ٽارگيٽ لاءِ فخرالزمان ۽ محمد نعيم اننگ شروع ڪئي. محمد نعيم 10 رنز ٺاهي خرم شهزاد جي بال تي افتخار احمد هٿان ڪيچ ٿيو، پاور پلي ۾ لاهور 64 رنز ٺاهيون، پاور پلي جي آخري اوور ۾ علي رضا کي 2 ڇڪا ۽ 2 چوڪا لڳا ۽ 22 رنز ٺهيون. ستين اوور جي پهرين بال تي افتخار، عبدالله شفيق کي صفيان مقيم هٿان ڪيچ ڪرايو، هن 11 بالن تي 25 رنز ٺاهيون. 10 هين اوور ۾ بريسويل جي اوور ۾ خرم شهزاد اسلانڪا جو ڪيچ ڊراپ ڪيو.چيراٿ اسلانڪا 13 هين اوور ۾ علي رضا کي ڇڪو هڻي 25 بالن تي 33 رنز ٺاهي بريس ويل هٿان ڪيچ ٿيو، فخر ۽ اسلانڪا جي 53 رنز جي پارٽنرشپ به ٽٽي. 15 هين اوور جي پهرين بال تي فخر 38 بال کيڏي ففٽي مڪمل ڪئي. سڪندر رضا جنهن 11 بالن تي 29 رنز ٺاهي لاهور جي اميد زنده ڪئي اهو صفيان جي اوور ۾ هٽ وڪيٽ آئوٽ ٿي ويو. 16 اوور مڪمل ٿيڻ تي 161 تي 4 آئوٽ هئا. 18 هين اوور جي آخري بال تي ڊينئل سيمز جو ڪيچ افتخار ڊراپ ڪيو. آخري اوور ۾ لاهور کي 3 رنز گهربل هيون. ڊينئل سيمز وننگ اسٽروڪ تي 2 رنز ٺاهي لاهور کي فتح ڏياري ۽ پهريون دفعو پشاور کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني. هو 15 بالن تي 35 ۽ فخر 47 بالن تي 58 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ پشاور زلمي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنز اسڪور ڪيون. جيم ونس کي شاهين 10 رنز تي بولڊ ڪيو، هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 45 بالن تي 59 رنز ٺاهي بابر اعظم، حارث رئوف جي بال تي بولڊ ٿيو، ڪسال مينڊس 7 رنز ٺاهي شاهين جي بال تي حارث رئوف هٿان ڪيچ ٿيو ۽ مائيڪل بريسويل 6 ڇڪا ۽ 8 چوڪا هڻي 45 بالن تي 83 رنز ٺاهي حارث هٿان بولڊ ٿيو. افتخار 5 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 27 رنس ۽ عبدالصمد 4 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو