پشاور(ويب ڊيسڪ) سينٽرل جيل ۾ قيدين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ قيدين سميت ڪيترائي جيل اهلڪار زخمي ٿي پيا.سپرنٽينڊنٽ سينٽرل جيل مقصود خان موجب قيدين جي مخالف گروپن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ 4 ڄڻا معمولي زخمي ٿي پيا.ايس پي جيل جو چوڻ هو ته جهيڙي دوران قيدين جي وچ ۾ دشمني آهي، جهيڙي دوران جيل اهلڪارن کي معمولي چوٽ به آئي.هن وڌيڪ چيو ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ۽ جهيڙي ۾ ملوث قيدين کي مختلف جيلن ڏانهن اماڻيو پيو وڃي.










