پشاور جي جامع مسجد ۾ خودڪش حملو 57 فوت 194 زخمي

پشاور جي جامع مسجد ۾ خودڪش حملو 57 فوت 194 زخمي

پشاور(ويب ڊيسڪ) قصه خواني بازار ۾ واقع اماميه جامع مسجد ۾ بم ڌماڪي سبب 57نمازي فوت ۽ 194 کان زخمي ٿي پيا آهن. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته ڪارن ڪپڙن ۾ هڪ نوجوان آيو جنهن مسجد ۾ ڊيوٽي تي مقرر پوليس وارن تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿيو، جنهن بعد هن مسجد ۾ ممبر لڳ جمعي نماز دوران ٽئين صف ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، آءِ جي موجب ڌماڪي ۾ 5 کان 6 ڪلو وزني بارودي مواد استعمال ڪيو ويو آهي. مسجد اندران بال بيئرنگ به مليا آهن. هي هڪ خودڪش بم حملو آهي. زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. پوليس ناڪا بند ڪري ثبوت گڏ ڪري رهي آهي. فوري طور ڌماڪي جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو. علائقي ۾ افراتفري جو عالم آهي، عام ماڻهو پنهنجي گاڏين م زخمين کي اسپتال منتقل ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو