پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي تهڪال پايان ۾ هڪ گهر کي باهه لڳڻ جي ڪري 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب، سرچ آپريشن دوران گهر جي هڪ ڪمري مان 6 ڄڻن جا لاش مليا آهن، فوتين ۾ مڙس، زال ۽ سندن ٻار شامل آهن. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته مبينا طور فوتگيون باهه جي تپش ۽ دونهين جي گهٽجڻ سبب ٿيون آهن، جڏهن ته شروعاتي طور تي باهه لڳڻ جا سبب معلوم ناهن ٿي سگهيا. گهر جي جنهن حصي ۾ باهه لڳي، اتي فرنيچر ۽ ٻيو سامان پيل هو.










