پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور جي رنگ روڊ تي اسڪريپ جي گودام ۾ لڳل باهه شدت اختيار ڪري وئي، فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ ۾ مصروف آهي،ريسڪيو ذريعن موجب رنگ روڊ جي اسڪريپ گودام ۾ لڳل باهه ڀرسان ڪنٽينر کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فائر برگيڊ جي عملي پاران باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب پشاور رنگ روڊ تي گودام ۾ لڳل باهه کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ هنڌ پهچي باهه تي ضابطو آندو ويو آهي.ريسڪيو عملدارن موجب فائر برگيڊ جون 7 گاڏيون ۽ 41 فائر فائٽر گودام ۾ لڳل باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن.










