اوٻاوڙو( رپورٽ غلام علي رند) ٻه ڏينهن اڳ صادق آباد جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ سنجر پور جو جوڙو مسمات حميدا ۽ شعبان شر تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. عوامي پريس ڪلب چوڪماڙي پهچي هنن ٻڌايو ته اسان حق محمدي مطابق نڪاح ڪيو آھي جنهن تي اسان جا مخالف ۔لعل بخش شر۔ نظير شر۔غلام رسول شر۔جلال شر ڀاڳو شر۔ ۽ سڪندر شر اسان کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا اسين پنهنجي جان بچائڻ خاطر گهر کان دربدر آھيون ان دورن محمد شھبان جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان جي برادري جا معزز ماڻھون منهنجي گهر واري حميدا کي واپس ڪرائڻ ٿا چاهن جن کان جان جو خطرو آھي خدارا ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايس پي رحيميار کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽس وٺي سندن تحفظ فراهم ڪيو وڃي










