پستول صاف ڪندي مڙس کان گولي هلي وئي، زال ۽ 2 ٻار زخمي

پستول صاف ڪندي مڙس کان گولي هلي وئي، زال ۽ 2 ٻار زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بلديہ ٽائون 9 نمبر ۾ گهر اندر پستول صاف ڪندي مڙس کان گولي هلي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته عارف نالي شخص گهر ۾ پستول صاف ڪري رهيو هو ته ان دوران گولي هلڻ سبب سندس زال ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا.پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو