ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرڏيهي ڪرنسي ۽ غير رهائشي روپي اڪائونٽس جو دائرو وڌايو آهي.اسٽيٽ بينڪ موجب، هاڻي غير رهائشي پاڪستانين سان گڏ پرڏيهي قانوني ادارا به اهي اڪائونٽس کولي سگهندا، جنهن سان پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ آسان ٿيندو.اعلان موجب، هي قدم سيڙپڪارن لاءِ مالي ٽرانزيڪشن کي آسان بڻائيندو ۽ ملڪ جي معيشت ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي وهڪري کي وڌائڻ جي اميد آهي.










