پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ مهيني ڀارت جو دورو ڪندو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ مهيني ڀارت جو دورو ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهيني ڀارت روانو ٿيندو.هفتيوار بريفنگ ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته 4 ۽ 5 مئي تي گوا ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت بلاول ڀٽو زرداري ڪندو.ذريعن موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 2016ع کانپوءِ ڀارت جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني پرڏيهي وزير هوندو.ترجمان چيو ته ميمبر ڊزاسٽر اٿارٽيز اڄ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪري رهيا آهن.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي دوري لاءِ اسان جون تياريون جاري آهن، هو ڀارت جي دوري بابت ميڊيا جي رهنمائي به ڪندا.ٻئي طرف بچاءَ واري وزير خواجا آصف هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڀارت ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي بچاءَ واري وزيرن جي اجلاس ۾ ڀارت نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب خواجا آصف شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ عملي طور شرڪت ڪندو، خواجا آصف کي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو