ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جو چوڻ آهي ته ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 512.6 ملين ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي.مرڪزي بئنڪ موجب 16 جون تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران ملڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 8.86 ارب ڊالر رهيا.اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 480 ملين ڊالرن جي گهٽتائي سان 3 ارب 53 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا.ڪمرشل بئنڪن جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 32.6 ملين ڊالرن جي گهٽتائي سان 5.32 ارب ڊالر ٿي ويا.اسٽيٽ بئنڪ موجب هن هفتي 300 ملين ڊالر جي ڪمرشل قرض جي قسط ملي وئي. هن هفتي وصول ٿيندڙ قسط 23 جون جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن جو حصو هوندي.










