پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 12.6 ملين ڊالر جو رڪارڊ اضافو

پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 12.6 ملين ڊالر جو رڪارڊ اضافو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گذريل هفتي دوران 12.6 ملين ڊالر جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، گذريل هفتي دوران ذخيرا 12.6 ملين ڊالر وڌي 16.35 ارب ڊالر ٿي ويا. مرڪزي بينڪ ٻڌايو ته پاڪستان جي ڪُل پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 105.9 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي ۽ اهو 21.704 ارب ڊالر ٿي ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ موجب، ڪمرشل بينڪن وٽ 5.35 ارب ڊالر جا ذخيرا آهن، جيڪو 93.3 ملين ڊالر جو اضافو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو