پرڏيهه  هيروئن اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، جوابدار گرفتار

پرڏيهه هيروئن اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، جوابدار گرفتار

ملتان(ويب ڊيسڪ)ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) پاڪستان مان هيروئن پرڏيهه اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) ملتان ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي دوحه ويندڙ مسافر جي قبضي مان هيروئن هٿ ڪري ورتي.اي ايس ايف ترجمان موجب مسافر شبير احمد وڏي مهارت سان هيروئن کي بيگ جي تري ۾ لڪايو هو، پر اي ايس ايف اهلڪارن سامان جي تلاشي دوران منشيات جي نشاندهي ڪئي ۽ بيگ جي هيٺان 1.881 ڪلو گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي جوابدار پڻ گرفتار ڪيو ويو،جوابدار کي شروعاتي جاچ کانپوءِ هٿ آيل منشيات سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اي اين ايف حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو