پريمي جوڙي جي تحفظ لاءِ اپيل، ابو پوڙهي سان پرڻائي پيو

پريمي جوڙي جي تحفظ لاءِ اپيل، ابو پوڙهي سان پرڻائي پيو

نوشھرو فيرو (رپورٽ منظور ملڪ ) ڀرياروڊ واسي ڀيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لا۽ پريس ڪلب پھچي ويو ڳوٺ صديق ڊکڻ جي رھواسڻ ناري معصوما ڌي عاشق ڊکڻ ۽ سندس مڙس ساجد ڊکڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته منھنجي مائٽن منھنجو رشتو نالي ساجد علي پٽ رضا محمد ڊکڻ کي ڏيڻو ڪيو ھو پر ھاڻي منھنجو پي عاشق ڊکڻ لالج ۾ اچي منھنجي شادي منھنجي مرضي بنا ڪنھن پوڙھي شخص سان ڪرائڻ چاھي پيو جيڪا ڳالھ مون کي پسند نه آئي ۽ اسان گھران نڪري شريعت محمدي موجب نوشھروفيروز عدالت ۾ حق نڪاح ڪيو آھي جڏھن ته مون کي منھنجن مائٽن عاشق ڊکڻ اعجاز حسين برڪت ڊکڻ سائين ڏنو ڊکڻ ۽ ٻين مان جان جو خطرو آھي جڏھن ته علائقي جو با اثر وڏيرو ظفر ڪيريو پوليس معرفت اسان کي جان کان مارڻ لا۽ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي اسان کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا ذميوار مٿي ڄاڻايل ۽ وڏيرو ظفر ڪيريو ھوندو ھنن اعلي اختيارين ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي حياتين کي سخت خطرو آھي ڄاڻايل ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو