پريس ڪلب جي سھڪار سان تفريحي ميلو منعقد

پريس ڪلب جي سھڪار سان تفريحي ميلو منعقد

ڊرگھ بالا (رپورٽ  محمد اسماعيل لانگاھ ) مشھور تاريخي حڪمران مير الھيار خان ٽالپر جي ياد ۾ سان چار روزه فيسٽول لڳايو ويوجنهن  ۾ ملاکڙو, اٺن جي ڊوڙ,ادبي محفل هن کان ٻارن جي تفريح لاء ٿئيٽر اسٽيج ڊرامون راڳ روپ جون محفلون پڻ منعقد ڪيون ويون ميلو پريس ڪلب ڊرگھ بالا جي سھڪار سان شروع ڪيو ويو پھرين ڏينھن تي سنڌ بلوچستان جي مشھور ملھ پلھوان اسحاق مڱڻيجو, قربان هوٿيپوٽو, صفدر عالماڻي, ٽيڊي شيدي ,جي وچ ۾ زبردست ملھ مقابلا ٿيا, جنھن ۾ صفدر عالماڻي اسحاق مڱڻيجو وچ ۾ زبردست ملھ وڙھي  مهمانن کان داد ۽ انعام وصول ڪيو, ٻئي مقابلي ۾ ٽيڊي شيدي  پلهوان ڪبوتر کوسو ,کي ٻئي ملھون ماري تماشائين ۾ ھوڪرا وجھي ڇڏيا, پلھوان جنريٽر ۽ پلھوان معشوق ٻٻر ھڪ هڪ ملھ برابر ڪيا, پلھوان عالم ٻٻر کي ۽ ھڪ سيد نياز شاھ دسي خوب داد ورتو,جڏھن ته پهلوان چڻنگ ۽ پهلوان علينواز برهماڻي ۾ سخت مقابلو ٿيو ڪامياب ملھ پلھوانن ۾ پريس ڪلب ڊرگھ بالا جي صدر غلام مصطفي لنڊ ۽  صحافي مولابخش برهماڻي, ڪالم نويس ۽ صحافي محمد اسماعيل لانگاھ, ملھ پلهوانن ۾ انعام ورھايا, ميلي ۾ راڳ روپ جي محفل ۾ مشھور فنڪار پيرل چانڊيو ,دلدار ٻٻر فاروق لغاري, استاد حمل چانڊيو ۽ٻين ميلي جي محفل ۾ ڳائي شائقين کي جهومائي ڇڏيو آخري ڏينهن تي مشھور ڪاڇي جو سماجي ورڪر طارق علي ڏاھري مهمان خاص طور شرڪت ڪري ڪامياب ملھ  پلھوانن ۾ انعام ورھايا

پهنجو تبصرو موڪليو