ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس پاران نوابشاهه ۾ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي هائوس آفيسر پروين رند تي تشدد جو نوٽيس وٺندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس احمد علي شيخ پاران ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آھي، چيف جسٽس پاران ڊي سي، رجسٽرار پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائينسز فار وومين کي به طلب ڪيو ويو آهي. سمورن ذميوارن کي 15فيبروري تي چيف جسٽس سامهون پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پروين رند تي مبينا تشدد بابت خبرن تي نوٽيس ورتو آهي.










