پرويز الاهي جي خان سان ملاقات، صورتحال تي مشاورت

پرويز الاهي جي خان سان ملاقات، صورتحال تي مشاورت

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي زمان پارڪ ۾ عمران خان سان پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي صدر چوڌري پرويز الاهي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي صورتحال، قانوني ۽ عدالتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن زمان پارڪ ۾ پوليس جي وحشياڻي ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.ذريعن موجب ملاقات ۾ عمران خان چيو ته حڪومت انتقامي ڪاررواين ۾ انڌي ٿي وئي آهي، پنهنجي ڪارڪنن تي فخر آهي، هو ظلم جي هر حڪمت عملي جو مقابلو ڪري رهيا آهن.عمران خان چيو ته حڪومت چونڊن کان ڊنل آهي، حڪومت لنڊن پلان تحت مون کي چونڊن کان اڳ گرفتار يا نااهل ڪرڻ چاهي ٿي، اسان کي چونڊ مهم هلائڻ کان روڪڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن، عوام کي چوان ٿو ته ڪهڙي به صورتحال هجي. اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا خلاف نڪرڻو آهي. ان موقعي تي چوڌري پرويز الاهي چيو ته اليڪشن ڪرائڻ بابت سپريم ڪورٽ جي آئيني ۽ قانوني حڪم ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو