پرويز الاهي جي تڪ پي پي 32 تي بيلٽ پيپر جي ڇپائي روڪڻ جو حڪم

پرويز الاهي جي تڪ پي پي 32 تي بيلٽ پيپر جي ڇپائي روڪڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي تڪ پي پي 32 مان بيلٽ پيپر جي ڇپائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.چونڊ نشان مور جي الاٽمينٽ بابت پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس شاهد بلال حسن پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت درخواست تي حتمي فيصلي تائين اشاعت روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذار پي پي 32 گجرات مان صوبائي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندو رهيو آهي، سپريم ڪورٽ پرويز الاهي کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو